زمينن تي والار نامنظور، بحريا ٽائون خلاف جدوجهد تيز، ريلين ۽ جلسن جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي زمينن تي والار خلاف جدوجهد چوٿين مرحلي ۾ داخل ڪندي 10 آڪٽوبر کان 31 آڪٽوبر تائين مختلف شهرن ۾ عوامي ميڙاڪن، ريلين ۽ جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراهي اجلاس ڪراچي ۾ ڪميٽي جي ڪنوينئر سيد جلال محمود شاھه جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ گلزار سومرو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، روشن علي ٻرڙو، اعجاز سامٽيو سميت مختلف اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران هلايل جدوجهد تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ جدوجهد جي ايندڙ مرحلي جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته چوٿين مرحلي ۾ بحريا ٽائون ۽ زمينن تي والار خلاف عوامي جلسا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون، 10  آڪٽوبر تي نوشهري فيروز، ڀريا ۽ ڪنڊيارو ۾ عوامي ميڙاڪا ڪيا ويندا، 11 آڪٽوبر تي هڱورجا، ھالاڻي، راڻيپور ۽ گمبٽ، 12 آڪٽوبر تي ڪنب، ڪوٽڏيجي ۽ خيرپور، 17 آڪٽوبر تي روهڙي، پني عاقل ۽ گهوٽڪي، 18 آڪٽوبر تي سرحد، ميرپور ماٿيلي ۽ ڏهرڪي، جڏهن ته 31 آڪٽوبر تي سکر ۾ عوامي جلسا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون.

اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ بحريا ٽائون انتظاميا هڪ دفعو ٻيهر ملير ضلعي جي زمينن تي قبضي لاءِ ڳوٺاڻن کي هراسان ڪري رهي آهي، جيڪو عمل قابل مذمت آهي.

سيد جلال محمود شاھه چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي پهنجي ڏنل فيصلي تحت عمل ڪرائڻ لاءِ بحريا ٽائون انتظاميا ۽ سنڌ جي زمين تي قبضا خورن خلاف نيب ۽ ٻين ادارن جي ذريعي عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ گهرجي.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، گڏوگڏ هزارين ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ واري عمل جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.