عمر شريف جي ٻاهر منتقلي، سنڌ حڪومت جو وفاق سان رابطو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف کي علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ لاءِ ايئر ايمبولينس بابت سنڌ جي صحت کاتي وفاقي ناڻي واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ايئر ايمبولينس کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان ڏس ۾ سمورا خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي.

خط جي متن موجب فضائي حدن ۽ ايوي ايشن جو معاملو وفاق جي اختيار جي دائري ۾ اچي ٿو.

خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايئر ايمبولينس لاءِ معاملن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو.

واضح رهي ته عمر شريف گهڻي عرصي کان دل جي تڪليف سان گڏوگڏ ٻين مرضن ۾ به وڪوڙيل آهي، جڏهن ته ان جي يادداشت به خراب ٿي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.