پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ تبديلي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين تي لڳايل سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي سيلز ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو مان گهٽائي 11.64 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

پيٽرول تي ساڍا 10 سيڪڙو ۽ گاسليٽ تي سيلز ٽيڪس جي شرح 6.70 سيڪڙو برقرار رکي وئي آهي.

ايس آر او موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي سيلز ٽيڪس جي شرح 11.64 سيڪڙو آهي، جڏهن ته لائٽ ڊيزل تي سيلز ٽيڪس جي شرح 0.20 سيڪڙو برقرار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.