پاڪستان کي افغانستان ۾ مداخلت جو ڪو حق ناهي: شاهد خاقان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ويراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي رڳو هڪ ئي ڳڻتي آهي ته جو بائيڊن جي فون ڇو ناهي آئي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم سميت ٻين خلاف اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او جي غير قانوني مقرريءَ خلاف داخل ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ آهي، قانون ۾ واضح آهي ته واڌ نه ٿيندي پر حڪومت جي ڪوشش آهي ته ان ئي چيئرمين کي استعمال ڪري اپوزيشن کي ڌمڪايو وڃي، جيڪڏهن نيب چيئرمين جي مدي ۾ آرڊيننس ذريعي واڌ ڪئي وئي ته ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين.

هن چيو ته موجوده حڪومت منصوبا مڪمل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر منصوبا شروع ئي ناهن ڪيا، گرين لائن منصوبو نواز شريف طرفان سنڌ جي لاءِ تحفو هيو، وفاقي حڪومت 3 سالن کان بسون نه ڏئي سگهي، هڪٻئي پويان ٽينڊر رد ڪيا ويا.

سندس چوڻ هو ته عمران خان کي رڳو هڪ ئي ڳڻتي آهي ته جو بائيڊن جي اڃا تائين فون ڇو ناهي آئي، جڏهن ته افغانستان ۾ مداخلت ڪرڻ جو اسان کي ڪو حق ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.