پاڪستاني ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ سُٺي خبر

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ وڏي پئماني تي ڪرائڻ جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت طرفان به وڏو قدم کنيو ويو آهي.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم طرفان پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ وڏي پئماني تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٽورنامينٽ جي شروعات 23 سيپٽمبر کان ٿيندي، جنهن ۾ تمام وڏي انگ ۾ رانديگر حصو وٺندا، جڏهن ته ٽورنامينٽ جو ٻيو مرحلو لاهور ۾ ٿيندو.

ذريعن موجب ان سلسلي ۾ وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شوقينن کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 30 سيپٽمبر تائين 25 سيڪڙو شوقين گرائونڊ ۾ ميچ ڏسي سگهندا ۽ رڳو ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي ميچ ڏسڻ جي اجازت هوندي.

25 سيڪڙو شوقينن جي موجودگي کانپوءِ ان شرح ۾ واڌ بابت نظرثاني 28 سيپٽمبر تي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.