ڪشمور: قومي عوامي تحريڪ پاران ڌاري آبادڪاري ۽ زمينن تي والار خلاف احتجاج

ڪشمور ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي والار ۽ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ڪارڪنن نادرا چوڪ کان زبير احمد ڪلوڙ، سجاد بروھي، فدا محمداڻي، غفور لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب حڪومتن افغان پناھگيرن جي آمد جي سخت مخالفت ڪئي آهي سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي ته اتي پناهه گيرن کي رهائڻ جا سازش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته سئي گئس سميت مختلف ادارن مان 12000 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي ملازمن سان زيادتي آهي، ارسا ۽ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي قابض آھن ۽ هٿرادو پاڻي جي کوٽ کي سنڌ کي تباهه ڪري رهيا آهن، بحريا سميت DHA ڪمانڊر سٽي ذوالفقار آباد ذريعي سنڌ جي قيمتي زمينن تي قبضا ڪري ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش سٽي پئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.