ڏهرڪي: سهرو زال کسي ويو آهي، نوجوان جون دانهون

ڏهرڪي ۾ نوجوان پاران زال موٽرائڻ لاءِ سهري خلاف احتجاج ڪيو ويو
ڏهرڪي ۾ نوجوان فاروق شر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته چار سال اڳ سهري شبير شر هڪ لک چاليه هزار ۾ سڱ ڏنو هو جيڪو هاڻي منهنجي زال رابيعه کي بهاني سان وٺي ويو آهي جيڪو هاڻي واپس نٿو ڪري، هن چيو ته سهرو منهنجي زال کي ٻئي جاءِ تي کپائڻ چاهي ٿو جڏهن ته زال مونسان سچي آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زال واپس ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.