گرين لائن بسون پهچندي ئي سنڌ حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گرين لائن بسون پهچندي ئي سنڌ حڪومت به وڏو اعلان ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن گرين لائين منصوبي جي بسن سان ڀريل بحري جهاز ڪراچي پهتو هو، ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ هو ته هيءَ پهرين کيپ آهي، وڌيڪ 40 بسون ايندڙ مهيني تائين اچي وينديون، گرين لائن جو منصوبو 70 ارب رپين جو آهي.

گرين لائن بسون ڪراچي پهچندي ئي سنڌ حڪومت به بسون آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پارلياماني معاملن بابت وزير مڪيش ڪمار چيو آهي ته جنوري تائين 50 بسون آڻي رهيا آهيون.

سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران اپوزيشن ليڊر اعتراض جي نڪتي تي ڳالهائيندي چيو ته وڏي وزير ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير ڪيترائي ڀيرا بسون آڻڻ جا واعدا ڪيا، ٻڌايو وڃي ته اورنج لائن ڪڏهن ٺهندي؟ گرين لائن جون 40 بسون ڪراچي اچي چڪيون آهن، وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃون ٿا.

مڪيش ڪمار جواب ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڪو هڪ منصوبو ٻڌائن، جيڪو انهن جو پنهنجو هجي، اهي رڳو ٻين جي منصوبن تي تختيون لڳائي خوش ٿي رهيا آهن، وري چون ٿا ته گذريل حڪومتون ڪرپٽ هيون.

سندس چوڻ هو ته بي آر ٽي منصوبو ملڪ جو مهانگو ترين منصوبو آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ انهن جو ڪو ثاني ناهي، اهي ڪوڙ هڻي چوندا آهن ته اسان وڏو تير هنيو.

ڪميش ڪمار اعلان ڪيو ته ايندڙ سال جنوري ۾ اسان 50 بسون آڻي رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.