اعظم سواتي نه مُڙيو، چيف اليڪشن ڪمشنر تي وري تنقيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير اعظم سواتي هڪ ڀيرو ٻيهر چيف اليڪشن ڪمشنر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ان جي مقرري ڪيئن ٿي، مون کي خبر آهي.

اسلام آباد ۾ بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم سواتي چيو ته اليڪشن ڪميشن اپوزيشن جي ٻولي ڳالهائي رهي آهي، مون کي نوٽيس ڏنا پيا وڃن، مريم نواز ۽ فضل الرحمان به اليڪشن ڪميشن خلاف ڳالهيون ڪيون، انهن کي ڪيترا نوٽيس مليا جو مون کي ڏنا پيا وڃن.

هن چيف اليڪشن ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته سڪندر سلطان! آئين ۽ قانون مٿانهون آهي يا توهان جي ذات، توهان وڏي ميان جي هٿ جي گهڙي ۽ ننڍي ميان جي ڇڙي آهيو، چيف اليڪشن ڪميشن جي مقرري بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون راز آهن.

سندس چوڻ هو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، اليڪشن ڪميشن کي آزاد ادارو بڻائينداسين، ڪجهه ڏينهن ۾ پارليامينٽ مان قانون ٺاهي ڏينداسين، ڀت بڻجي مقابلو ڪنداسين، روڪي سگهو ٿا ته روڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.