حڪومت وزيراعظم کي ملندڙ تحفن جا تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت وزيراعظم عمران خان کي ٻاهرين ملڪن مان ملندڙ تحفن جا تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

حڪومت شهري کي وزيراعظم کي تحفن جا تفصيل ڏيڻ جو انفارميشن ڪميشن جو حڪم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

ڪابينا ڊويزن جو موقف آهي ته تحفن جا تفصيل جاري ڪرڻ سان ميڊيا هائپ ۽ غير ضروري خبرون پکڙبيون، مختلف ملڪن سان لاڳاپا متاثر ۽ ملڪي وقار مجروح ٿيندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان انفارميشن ڪميشن ۽ شهري کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ڪابينا ڊويزن طرفان اسسٽنٽ اٽارني جنرل عتيق الرحمان صديقي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت پاڪستان انفارميشن ڪميشن ۽ شهري ابرار خالد کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.