ڪين وليمسن پاڪ – نيوزيلينڊ سيريز رد ٿيڻ کي شرمناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

 

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن چيو آهي ته نيوزيلينڊ جو پاڪستان دورو جهڙي ريت ختم ٿيو، ان تي سڀني کي افسوس آهي ۽ اها شرم جي ڳالهه آهي، اميد ته دورو ختم ٿيڻ جا ڊگها اثر نه پوندا.

هڪ انٽرويو ۾ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن چيو ته مون کي نيوزيلينڊ جو پاڪستان دورو ختم ٿيڻ جي معاملي تي وڌيڪ ڄاڻ ناهي پر اهو سڀ ڪجهه اوچتو ٿيو، دبئي ۾ ڪرڪيٽ ليگ لاءِ محدود آهيان، جلد صورتحال بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندس.

هن چيو ته رانديگرن جي حفاظت جي وڏي اهميت هوندي آهي ۽ جڏهن حڪومت طرفان پيغام ملن ته صورتحال رانديگرن کان مٿي هلي ويندي آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي ڏاڍو سپورٽ ڪيو ويندو آهي ۽ اتي ڏاڍو جوش ۽ جذبو هوندو آهي، ٻين ملڪن جيان اتي به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي گهرج آهي، مون کي ڏاڍو سٺو لڳو هو ته پاڪستان ۾ سيريز ٿي رهي هئي پر اوچتو دورو ختم ٿيڻ افسوسناڪ ۽ شرم جي ڳالهه آهي، اسان جي ٽيم ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار هئي ۽ رانديگر شدت سان سيريز جا منتظر هئا.

ڪين وليمسن چيو اميد ٿو ڪيان ته ان واقعي جا ڊگها اثر نه پوندا ۽ پاڪستان ۾ جلد ڪرڪيٽ ٿيندي، پاڪستان ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ هڪ خاص جاءِ آهي، عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ پاڪستان وڏا قدم کنيا.

واضح رهي ته18  ورهين کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي پهتل نيوزيلينڊ جي ٽيم کي گرين شرٽس خلاف 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻيون هيون پر راولپنڊي ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات کان ڪجهه وقت اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي جواز ڄاڻايو ته سيڪيورٽي خدشن سبب اهو قدم کنيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.