ڄامشورو ۾پوليس ۽ بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

ڄامشورو ( ڊ ر ) ڄامشورو جي ڳوٺ چاڪر خان راڄڙ جي رهواسي محمد عثمان راڄڙ پنهنجي پٽ محمد طالب راڄڙ سان گڏجي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته اسان جي ڳوٺ جا رهواسي سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن رمضان عرف کترو راڄڙ ۽ سليم راڄڙ پوليس ذريعي اسان خلاف رڻ ٻاريندي  تر تپائي ڏنو آهي, هنن تازو پوليس کي سگهاري ڌرين کان سفارش ۽ ڳري رشوت ڏئي خانگي ڪمپني جي آفيس تي پوليس چڙهائي ڪرائي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ منهنجي پٽ عرفان ـ بائٽي يونس راڄڙ ۽ ملازم فاروق کوکر کي کنڀرائي گم ڪري ڇڏيو آهي جن جو ڄامشورو جي مختلف ٿاڻن تان پڇا ڪرڻ باوجود اڃان تائين ڪو ڏس پتو نه پيو آهي. هن چيو ته ساڳي ئي ڌر جي ماڻهن هڪ مهينو اڳ پوليس سان گڏجي ڄامشورو ڪورٽ مان پيشي تان واپسي دوران ڪورٽ جي ٻاهران منهنجي نوجوان پٽ ڪامران راڄڙ کي پڻ کنڀرائي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو هينئر تائين ڪو ڏس پتو ناهي ان کان علاوه ڪجھ ڏينهن اڳ ساڳي ئي ڌر جي ماڻهن ڄامشورو ڪورٽ پيشي لاء ويندڙ عزيز عاشق راڄڙ. تي لوهي سيخن ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري مرڻينگ ڪيو هو جيڪو اڃان تائين زير علاج آهي, هنن چيو مخالف ڌر سياسي اثر رسوخ رکندڙ آهي تنهن ڪري ڄامشورو پوليس سياسي ڌٻاءۡ ۽ ڳري رشوت عيوض سندن جي ونگار وهندي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.