نئون آباد ۾ زمين تي قبضو ٿيڻ نه ڏنو ويندو:مختيارڪار

نئون آباد (ن ع آ) دلور مائنير تي اريگيشن جي زمين تي قبضو ڪري غير قانوني ٺهيل دڪانن کي عدالتي حڪم تي قبضا ختم ڪيا ويا ساڳئي هند تي قبضا مافيا ٻيهر سرگرم  ٿي وئي. شهر جي هڪ بااثر ٺيڪدار  زبردستي دڪان ٺاهڻ لڳو جنهن تي پڇڙي جي آبادگارن پهچي هلندڙ ڪم بند ڪرايو ته بااثر ٺيڪدار مڇرجي پيو هلندڙ ڪم بند ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو جنهن بعد پڇڙي جي آبادگارن  ڊي سي سانگهڙ کي اطلاع ڪيو ڊي سي نوٽيس وٺندي  مختيار ڪار ڄام نوازعلي کي ڪاروائي جو حڪم ڏنو جنهن بعد مختيارڪار ڄام نوازعلي نئون آباد پوليس کي آگاه ڪندي بااثر ٺيڪدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو اهڙي حڪم ملڻ بعد نئون آباد پوليس واقعي هند پهتي ته بااثر ٺيڪدار مزدورن کي ساڻ ڪري ڀڄي ويو رابطو ڪرڻ ته مختيار ڪار ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي اريگيشن جي زمين تي قبضا هٽايا ويا آهن هاڻي جنهن به غير قانوني قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي فورن گرفتار ڪيو ويندو ٻئي طرف پڇڙي جي آبادگارن حاجي رياض آرائين يونس خان نظاماڻي ۽ٻين چيو ته دلور مائنير جي ڪپرن تي قبضو ڪرڻ سان مائنير لٽجي وڃي ٿو جنهن سبب پڇڙي ۾  پاڻي نٿو پهچي اڳ ڪيل قبضا  عدالتي حڪم تي  ختم ٿيا آهن هاڻي ٻهير قبضا ٿيڻ نه ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.