مٽياري ۾ سول اسپتال شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ خلاف ريلي، ڌرڻو

مٽياري (ڊ ر) مٽياري شهر واري اسپتال بند ڪري ٻه ڪلو ميٽر شھر کان پري نئين تعمير ٿيل ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪرڻ واري عمل خلاف مٽياري تعلقي اسپتال آڏو عوامي اتحاد، ايس ٽي پي، جسقم، پي ٽي آئي سميت سياسي سماجي تنظيمن پاران اسپتال جي مک گيٽ آڏو  ڄام شوڪت ابڙو، رحمت الله ترڪ، اويس گل ميمڻ ، رشيد ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھرين چيو ته اوچتو ڊي جي ھيلٿ جي حڪم تي شھر ۾ قائم تعلقه اسپتال کي مڪمل ختم ڪري شھر کان ٻه ڪلو ميٽر پري قائم ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ شفٽ ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اڳواڻن چيو ته اسان کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال تان ڪو به اعتراض نه آهي اھا به فوري طور تي کلڻ کپي پر جيڪا مٽياري شھر اندر تعلقه اسپتال موجود آهي ان کي ساڳي پوزيشن ۾ برقرار رکيو وڃي ته جيئن شھرين کي ايمرجنسي يا ڪا ڊليوري وغيره ۾ غريب ماڻهن کي ٻه ڪلو ميٽر پري اسپتال وڃڻو نه پوي مظاھرين چيو ته اسان ڊي جي ھيلٿ حيدرآباد جي اچانڪ اھڙي فيصلي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ فوري طور تي شھر اندر قائم تعلقه اسپتال کي برقرار رکيو وڃي ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي جلد الڳ سان کولي شھرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، مظاهرين چيو ته فوري طور شهر جي اسپتال بند ڪرڻ وارو اعلان واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو, شهرين چيو ته ڊي جي هيلٿ کي هٽايو مٽياري اسپتال بچايو، ٻئي طرف ايم پي اي مٽياري مخدوم رفيق الزمان مٽياري پهچي ضلعي هاسپيٽل جو دورو ڪيو, ان موقئي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مٽياري جي تعلقه اسپتال بند نه ٿي رهي آهي, شهر جي اسپتال ۾ او پي ڊي برقرار رهندي ان سان گڏ ضلعي اسپتال پڻ شروع ٿي رهي آهي هن چيو ته اعلا اختيارين سان ڳالهائي فوري ضلعي اسپتال جي بجيٽ منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ان موقئي تي ايم پي رفيق الزمان سان پ پ اڳواڻ سيد فضيل حبيب شاه, محفوظ جماڻي, منور دايو, وزير ميمڻ, شمن سهتو ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.