پي ٽي آءِ حيدرآباد ريجن جي ڪجھه ضلعن ۾ پارٽي عهديدارن ۾ اختلاف

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر ) پي ٽي آءِ حيدرآباد ريجن سميت سنڌ جي ڪجھ ضلعن ۾ پارٽي عهديدارن پاران کين نظرانداز ڪرڻ ۽ ٻين شڪايتن جو سلسلو وڌجي وڃڻ کانپوءِ هاڻي پارٽي عهديدارن ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا آهن جنهن ۾ پي ٽي آءِ حيدرآباد ريجن جي صدر صداقت علي جتوئي ۽ سيڪريٽري جنرل سيد ذوالفقار علي شاھ لکت ۾ پنهنجون استعيفائون مرڪز حوالي ڪري ڇڏيون آهن ، جنهن ۾ هنن ڄاڻايو آهي ته هُو استعيفائون پنهنجي ذاتي مصروفياتن سبب ڏيئي رهيا آهن پر هُو پارٽي ورڪر طور پنهنجو ڪم جاري رکندا ، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ريجن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان استعيفى ڏيندڙ سيد ذوالفقا علي شاھ چيو ته استعيفائون ڏيڻ جو اصل مقصد اهو هو ته سنڌ ۾ عوام جا ڪي به ڪم نه ٿي رهيا آهن ترقياتي ڪمن جون اسڪيمون ، نوڪريون ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ مسلسل اسان کي نظر انداز ڪيو پئي ويو ، رڳو ڪوڙا دلاسا ڏنا پئي ويا اسان کان عوام پڇاڻو پئي ڪيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جيڪي اليڪشن ۾ عوام سان واعدا ڪيا هئا اهي واعدا ڪٿي آهن ، هن چيو ته باقائدي طور تي ميڊيا آڏو ٻن ڏينهن اندر پنهنجو موقف رکنداسين ساٿين سان صلاح مشورو هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.