نئون آباد لڳ 2 ٻارڙا بيمار، علاج جي اپيل

نئون آباد (ن ع آ) نئون آباد ڀرسان   ڳوٺ محراب  لسڪاڻي ۾ غريب پورهيت ارباب لسڪاڻي جا ٻه ٻار پرسرار  بيماري ۾ مبتلا هجڻ سبب هلڻ  ڦلڻ کان لاچار پورهيت غربت سبب پنهنجي جگر جي ٽڪرن جي علاج ڪرائي نه سگهيو  سماجي بي رخي جي ور چڙهيل  غريب پورهيت جيڪي اڄ به انھي اوسيئڙي۾ آهن  ته حڪومت  يا انساني حقن جون تنظيمون ۽  وس وارا سندن ڪا مدد ڪن. پورهيت ارباب لسڪاڻي  مزدوري ڪري پنهنجي گهر جو گاڏو هلائي ٿو   پنھنجي وس آهر گهر جو اله تله کپائي پنهنجي ٻچن جي علاج ڪرايو پر ڪٿابه شفا نه ملي غريب سبب وڏين مهانگين اسپتالن مان پنهنجي ٻچن جي علاج ڪرائي نه سگهيو پورهيت ارباب لسڪاڻي جي هڪ پٽ هڪ نياڻي جيڪي ڄائي ڄم کان مختلف بيماري ۾ مبتلا هجڻ سبب سندن هٿ پير ڦريل آهن جنهن سبب هلي ڦري به نٿا سگهن نه وري صيحي نموني ڳالهائي سگهن ٿا غريب پورهيت جاٻار گهر جي اندر ئي  ريڙيهون پائي ڦرندا گهمندا آهن ارباب لسڪاڻي پنهنجي ٻچن جي بيماري بابت  روئيندي  ٻڌايو ته  آئون غريب مسڪين آهيان ڪکائون جهوپڙي ۾ رهان ٿو ڪمائڻ وارو ڪير به نه آهي منهنجا ٻه ٻار خبر ناهي ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهن، هن مدد جي اپيل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.