پاڪ – انگلينڊ سيريز: مائيڪل وان اهم تجويز ڏئي ڇڏي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان دورو ختم ڪرڻ کانپوءِ وڏي تجويز ڏئي ڇڏي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ سيريز ختم ٿيڻ کانپوءِ انگلينڊ جي پاڪستان دوري تي به سواليا نشان لڳي ويو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ اڳوڻو انگلش ڪپتان مائيڪل وان ميدان ۾ اچي ويو آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ مائيڪل وان پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز رد نه ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.

مائيڪل وان چيو ته سيريز کي پاڪستان بدران گڏيل عرب امارتن ۾ منتقل ڪرڻ سمجهداراڻو فيصلو هوندو، جيڪڏهن سفر ڪرڻ غير محفوظ آهي ته ميچون رد ڪرڻ بدران گڏيل عرب امارتن ۾ منتقل ڪيون وڃن.

واضح رهي ته انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي، جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز شيڊيول آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.