نيوزي لينڊ ٽيم جي حمايت، رانديگر نه وزير جواب ڏين: پرويز رشيد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ نون جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته نيوزي لينڊ ٽيم جي واپسي سيڪيورٽي ٿريٽ جي ڪري ٿي آهي جنهن جو پڇاڻو سيڪيورٽي معاملن واري انچارج وزيرن کان ٿيڻ گهرجي.

پنهنجي بيان ۾ پرويز رشيد جو چوڻ هو ته دفاع وارو وزير، گهرو وزير، پرڏيهي وزير ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار سامهون اچن ۽ جواب ڏين.

سندس چوڻ هو ته رانديگرن کان جواب ڏياريا پيا وڃن ڄڻ هو پاڪستان جي سلامتي ۽ تحفظ جا ذميوار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.