موسميات کاتي سنڌ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چوماسيءَ جي سسٽم تحت سنڌ ۾ وري برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

ڪراچي ۾ هلندڙ هفتي سخت گرميءَ کانپوءِ موسم تبديل ٿي آهي ۽ موسميات کاتي ايندڙ ڏينهن ۾ مينهن جو امڪان ڏيکاريو آهي.

موسميات کاتي موجب 20 سيپٽمبر جي شام يا رات چوماسي هوائون ملڪ جي مٿين علائقن ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون ۽ اهي هوائون 25 سيپٽمبر تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جو سبب بڻجنديون.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 23 کان 24 سيپٽمبر دوران ڪشمير، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، جهلم، لاهور ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب 23 کان 25 سيپٽمبر تائين ڏکڻ پنجاب، اوڀر بلوچستان ۽ سنڌ صوبي ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٺٽي، بدين، دادو، شهيد بينظير آباد، سکر، لاڙڪاڻي ۾ به تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات، جڏهن ته ڪجهه جاين تي تيز برسات جو به امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.