گهوٽڪي مان هٿياربندن جي 2 ڊاڪٽرياڻين کان ڦر

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي شهر مان ٻن ليڊي ڊاڪٽرياڻين کان هٿياربندن پاران موبائيل فون ۽ پرس ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا،سي سي  ٽي فوٽيج سامهون اچي ويا آهن،خبر موجب گهوٽڪي شهر بدامني جي ڌٻڻ مان نڪري نه سگهيو گهوٽڪي شهر مان ٻن ڊاڪٽرياڻين کي هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي موبائل فون ۽ پرس ڦر ڪري فرار ٿي ويا اهڙا فوٽيجز سي سي ٽي وي ڪئيمرا جي سامهون اچي ويا آهن،گهوٽڪي شهر مان بدامني جي باھ ڏينهون ڏينهن وڌندي وڻ ٿي رهي آهي مگر انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي گذريل رات ٻن ڊاڪٽرياڻين امبرين ۽ پنهنجي دوست سان گهر طرف وڃي رهي هئي ته  ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربند هٿيارن جي زور تي موبائل فون ۽ پرس ڦر ڪري فرار ٿي ويا . ،اهڙا فوٽيجز سي سي ٽي وي ڪئيمرا ذريعي ڏسي سگهجن ٿا جڏهن ته گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي زخمي ٿيل ليڊي ڊاڪٽرياڻين کي اسپتال پهچايو جتي انهن جو علاج جاري آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.