جهنڊي مري ۾ منشيات فروشن جو درزي تي حملو

جھنڊومري ( ت ر ) راحب پاڙو ٽنڊوالهيار ۾ رهندڙ زوهيب درزي کي ابراهيم ترڪ ۽ رضا پريو گھر ۾ گھڙي مار ڪٽ ڪري زخمي ڪيو جيڪو  قانون کي ٻاڪاريندو اي سيڪشن پوليس  ٿاڻي تي ويوجتي با اثر منشيات فروشن جي اثر رسوخ ڪري ايس ايڇ او رحيم گوپانگ هن جي سيڪشن 154 پي پي سي تحت  رپورٽ داخل ڪرڻ بدران هن کي صرف اسپتال لا۽ ليٽر ڏئي اماڻي ڇڏيو . زخمي کي اسپتال نيو ويو، جتي سندس علاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته جوابدارن حملو ڪري مرڻينگ ڪيو، پوليس ڪيس نٿي وٺي، ظلم جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.