ڪنري ويجهو بدامني، چور بجلي جون تارون ڪٽي فرار

ڪنري (ت ر) ڪنري شھر ۽ آسپاس ۾ چورين جي وڌندڙ آزار تي قابو ناهي اچي سگھيو. جنھن سبب چورين جي واقعن ۾ ڏينھون ڏينھن  اضافو ٿي رھيو آھي. گذريل رات دير سان اڻڄاتل چور  منشي محلي ۾ پ ٽ الف تعلقي ڪنري جي صدر ولي محمد ڪپري جي زير تعمير گهر مان بجلي جي فٽنگ ڪٽي تارون چوري ڪري ويا. چوري جي ماليت هزارين روپيہ ٻڌائي پئي وڃي. اھڙي اطلاع ڪنري ٿاڻي تي پڻ ڏني وئي. گھر ڌڻي موجب ھڪ مهينو اڳ بہ بيٽري وغيره چوري ٿي هئي. جنھن جو ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو. ٻئي پاسي چور ڏينھن ڏٺي جو خالد ڪالوني مان شھري غلام مصطفيٰ راھي جي گھر ٻاھران بيٺل چائنا موٽرسائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري ويا. ڪنري ۽ آس پاس چوري جي وارداتن کي ٻنجو نہ آيو پوليس ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو. جنھن سبب شھري ۽ ڳوٺاڻا سخت پريشان بڻيل آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.