ڀرياسٽي ۾ اي سي جا دڪاندارن تي ڇاپا، ڏنڊ وصول

ڀريا روڊ  ( ن ع آ ) اسسٽنٽ ڪمشنر شاھد حسين سرڪي ڀرياسٽي  عوامي شڪايتن تي ڀرياروڊ ۽ ڀرياسٽي ۾ عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ ھٿرادو منھگائي ڪندڙ سبزي فروٽ ۽ ڪريانـ جي  دوڪاندارن خلاف ڪارروايون ڪري  ڳرا ڏنڊ لڳايا،  اسسٽنٽ ڪمشنر شاھد حسين سرڪي ميڊيا کي ٻڌايو تـ ڀرياسٽي ۽ ڀرياروڊ ۾ عوامي شڪايتن ۽  ڊي سي نوشھروفيروز تاشفين عالم ۽ ڪمشنر شھيد بينظير آباد جي سخت ھدايتن تي عمل ڪندي عام واھپي جي شين تي   واڌو اگھه وٺندڙ دوڪاندارن ۽ واپارين خلاف ڪارروايون ڪيون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.