سن ڀرسان ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، رٽائرڊ فوجي فوت، هڪ زخمي

مانجهند (ن ع آ) سن ڀرسان شالماڻي انڊس هاء وي تي  ڳوٺ وڏا ڇڇر کان سن طرف ويندڙ موٽر سائيڪل  ۽ ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويبدڙ تيز رفتار ڪار جي آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾  موٽر سائيڪل سوار چائنا ڪمپني  سن جو سيڪيورٽي گارڊ  50 ورهين جو ريٽائر فوجي محمد اسحاق ڇڇر موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ت ساڻس گڏ گارڊ علي محمد لنڊ زخمي ٿي پيو جن کي وڏاڇڇر پوليس هيلٿ سينٽر سن آندو جتي لاش جي پوسٽ مارٽم ڪري مڙھ وارثن حوالي ڪيو جيڪي کيس ڳوٺ وڏا ڇڇر کڻائي پهتا ت سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي چائنا ڪمپني ۾ گارڊ جي ڊيوٽي ڪري گهر جو اڪيلي سر ڪارونهوار هلائيندو هو جڏھن ت 2010 جي ٻوڏ ۾ سندس گهر لڙھي وڃڻ سبب ڪکائين گهر ۾ رهندو هو وڏا ڇڇر پوليس موجب   ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿي ويو  جڏھن ت  واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.