آءِ بي اي ۾ صنعت ۽ تعليم بابت مذاڪرو

ڪراچي (پ ر ) انسٽيٽوٽ آف بزنس اينڊ ايڊمنسٽريشن آءِ بي اي ڪراچي ۾ ڪالهه صنعت ۽ تعليم جي لاڳاپي ۽ ڳانڍاپي جي موضوع تي هڪ مذاڪرو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي شعبن جي ماهرن پاران اظهار خيال ڪيو ويو. آءِ بي اي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ايس اڪبر زيدي مذاڪري کي ماڊريٽ ڪيو، جڏهن ته جهان آرا، رضا پرڀائي گفتگو ۾ خاص حصو ورتو، مذاڪري ۾ شاگرد، شاگردياڻيون، استاد، پروفيسر ۽ ٻيا اسڪالرز به شريڪ رهيا.  ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته انڊسٽري ۽ ايجوڪيشن ڪنهن به سماج جا اهم حصا هوندا آهن، جن کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي هوندي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته انهن شعبن جي معاملن کي سمجهي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.