”مطالبا مڃو“ هوسڙي ۾ زرعي اداري جي ملازمن جي ريلي

ھوسڙي (رپورٽ:روشن علي شورو) ھوسڙي لڳ سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ نان گزيٽيڊ ايمپلائيز ايسوسيئشن مرڪز ٽنڊوڄام پاران ملازمن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ اونين رسرچ اسٽيشن  ھوسڙي لڳ ملنگ ھوٽل تي  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي .احتجاجي ريلي ٽنڊو محمد خان روڊ  منلگ ھوٽل کان اونين رسرچ يونٽ آفيس ھوسڙي  ايٽ ملنگ ھوٽل تائين ڪڍي وئي. ريلي ج۾ شامل ملازمن ۽ اڳواڻن  آفيس جي مين گيٽ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا . احتجاج جي اڳواڻي سارنگيا ھوسڙي يونٽ جي  صدر  عبدالوحيد شرو .مرڪزي جنرل سيڪريٽري محمد شريف ڪا ٺيو.سيد فداحسين شاھ ۽ محبوب علي خاصخيلي ڪندي خطاب ڪيو.ھنن ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ ۽ سيڪريٽري ايگريڪلچرحڪومت سنڌ کان پنھنجي جائز مطالبن جي  مڃتا لاءِ  زور ڀريندي چيو ته اسٽينو گرافرن ۽ ڊرائيورن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي.انسيڪٽ ڪليڪٽر، ٽريڪٽر آپريٽر جو ڪوريڊم ڪرائي انھن کي 13اسڪيل ڏنو وڃي. ھنن چيو ته ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ۽ انھن جي پگھا 15000ھزار روپيا ڪئي وڃي ۽ ڪلارڪ، ليبارٽري اسسٽنٽ جي ڊي پي سي ڪئي وڃي .ھنن چتاء ڏيندي چيو ته فوتي ملازمن جي اولاد جي آرڊرن سميت اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجن ۽ ڌرڻن جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.