شاهپورچاڪر ۾ عورتن جي ووٽ بابت جاڳرتا فراهم

شاھپورچاڪر(ن ع آ) سانگهڙ جي اليڪشن ڪمشنر نعيم الرحمان جلباني ماروي ورڪرز جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته  ماروي سماجي عورت ورڪرز گھر گھر وڃي عورتن کي سجاڳي ڏين ۽ انھن گھريلو عورتون کي سجاڳ ڪن تہ انھن گھريلو عورتون وٽ جن عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺھيل ناھن ۽ اھڙين عورتن وٽ وڃو جن جا شناختي ڪارڊ ته ٺھيل آھن مگر انھن عورتن جا نالا ووٽر لسٽن ۾ لکيل ناھي انھن عورتن کي پنھنجن ووٽن جي حقن جي ڄاڻ فراھم ڪن ته جيئن ضلع سانگھڙ جي عورتن جو ووٽرز جو تناسب وڌائي سگھجي. هن عورتن جي حقن لاء وڌ کان وڌ ڪم ڪندي ضلعي اليڪشن ڪميشن آفيسر عورتن جا حق ڏيارڻ لاء سندن شناختي ڪارڊ ۽ ووٽر لسٽ ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زورڏيندي چيو تہ اليڪشن ڪميشن اھڙن عورتن جو وڌ کان وڌ خيال ڪيو ويندو جن جا ووٽر لسٽ ۾ نالا لکڻ کان رھجي ويا آھن سندن شناختي ڪارڊ ٺاهڻ ۽ ووٽرلسٽ ۾ نالو شامل ڪرائڻ لاء ھرممڪن انھن عورتن جي مدد ڪئي ويندي انھئ سلسلي ۾ جيڪو تعاون درڪار ھوندو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.