”تحفظ ڏيو“ ٽنڊي الهيار ۾ جوڙي جو احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) سنجرچانگ جي صحافي سان هڪ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري انصاف لاء ٽنڊوالهيار پريس ڪلب پهچي وئي مڙس جي جان بچائي انصاف ڪيو وڃي ناري شمائيلا پهنور خبر موجب ٽنڊوالهيار لڳ سنجرچانگ جي صحافي ممتاز پهنور ۽ ٽنڊوآدم جي رهواسڻ شمائيلا پهنور ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان هڪ سال اڳ چمبڙ جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن بعد شمائيلا جا مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن جيڪي هاڻ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڊپ مان ڪيڏانهن وڃي به نٿو سگهان مون کي تحفظ ڏئي جان بچائي وڃي شمائيلا پهنور ڳالهائيندي چيو ته مون پنهنجي مرضي سان ممتاز پهنور سان شادي ڪئي آهي آئون شادي بعد هڪ سال پنهنجي مائٽن وٽ رهڻ بعد وجه وٺي پنهنجي مڙس وٽ پهتي آهيان هاڻ منهنجو والد ۽ ڀائر منهنجي مڙس کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيان آهن اسان تمام گهڻا پريشان ٿي ويا آهيون هنن آئي جي سنڌ . ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته اسان کي تحفظ ڏئي جان بچائي وڃي جيئن اسان پنهنجي مرضي سان زندگي گذاري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.