لاڙڪاڻي ۾ پمپ آپريٽر جو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نيو لاهوري محلا جي رهواسي ميونسپل ڪارپوريشن جي برطرف پمپ آپريٽر ملازم بحاليءَ لاءِ پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان پٿر هٿن ۾ کڻي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي برطرف پمپ آپريٽر علي نواز سانگي پنهنجي ٻارن بينظير، مرڪ، سراج، عاليه ۽ عائشه سان گڏجي دانهيندي چيو ته سال 2009ع ۾ مون کي ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻو ۾ پمپ آپريٽر جي نوڪري ملي، ڪجهه عرصو اڳ سنڌ حڪومت طرفان لاڙڪاڻي ۾ نساسڪ کي صفائي سٿرائي جو ڪم ڏيڻ بعد مون کي نساسڪ ۾ اماڻيو ويو جنهن بعد مون نيو بس اسٽينڊ واري ڊسپوزل مشين تي ڊيوٽي به ڪئي ان دوران لاڳاپيل بينڪ مان ڪيترن ئي مهينن جون پگهارون کنيون پر سال 2017ع جي وچ ڌاري سنڌ حڪومت جو نساسڪ سان معاهدو ختم ٿيڻ تي مون سميت 400 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو،نوٽيس وٺي نوڪري تي بحال ڪري گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي ٻئي صورت آءُ گهر ڀاتين سميت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.