شهر جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون:ٽائون آفيسر

دڙو ( ن  ع آ ) ٽائون ڪاميٽي جي محدود بجيٽ باوجود شھر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون اهڙو اظهار ٽائون ڪاميٽي دڙو جي ٽائون آفيسر محمد شريف هالو صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته  شھر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام ٻين شهرن جي مقابلي ۾ ڪافي بهتر آهن، جڏهن ته  شهرين جي پراڻي مطالبي تي ٽائون ڪاميٽي طرفان درگاھ پيرڦل جي قبرستان کي چوديواري ڏيارڻ وارو ڪم به تيزي سان جاري آهي، هن چيو ته قبرستان جي چوديواري وارو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شهر جي رهيل گهٽين جي مرمت وارو ڪم به جلد شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.