ڪي اين شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو روڊ نه ٺهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

خيرپورناٿن شاھ (ن ع آ )  خيرپورناٿن شاه ڀرسان ڳوٺ قاضي عبدالرحمان جي رهواسين جو روڊ رستا تعمير نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن نديم عباسي، غلام نبي عباسي، حسين بخش جيسر، حاجي حسن کوسو ، دادن جيسر، ديدار ٻگهيو اسلم جيسر جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ سامهون ڪولاچي راوت لغاري لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، جتي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته قاضي عبدالرحمان ڳوٺ تاريخي ڳوٺ آهي پر هن ڳوٺ ۾ ڪابه بنيادي سهولت ميسر ناهي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته خيرپورناٿن شاھ ۽ ميهڙ شهر کي ملائيندڙ روڊ تباھ ٿي چڪو آهي 2010 جي مها ٻوڏ دوران هي روڊ مڪمل طور تباھ ٿي چڪو آهي جنهن کان پوء روڊ ٺهي نه سگهيو آهي روڊ ٽٽل هجڻ ڪري اسان ڳوٺاڻن کي مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پوي ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا روڊ تي حادثن ڪافي ماڻهو زخمي ٿيا آهن هنن چيو ته ڳوٺ جا ننڍڙا ٻارڙا چنگچي رڪشا تي اسڪول ويندا آهن ڪيترائي ڀيرا چنگچي رڪشا ڪرڻ سبب شاگرد توڙي شاگردياڻيون زخمي ٿيندا رهن ٿا جنهن ڪري والدين پنهنجي ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي هنن دانهيو ته اليڪشن دوران چونڊيل نمائندن واعده ڪيا پر انهن ووٽ وٺي اليڪشن کٽڻ کان پوء اسان ڏي لڙي به ناهن آيا چونڊيل نمائندن جا واعده وفا نه ٿيا هنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي روڊ تعمير ڪرائي ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.