ڄامشور ۾ امير بخش لاشاري جي آتم ڪٿا جي مهورت

ڄامشورو ( ڊ ر ) سنڌ يونيورسٽي جي ٽيچرس ڪلب جي شهيد بينظر ڀٽو هال ۾ رٿيل مهورتي تقريب جي صدارت سنڌ جي ناليواري ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر آدم ٻُٽ ڪئي، خاص مهمانن ۾ ڊاڪٽر بخش علي پتافي ۽ شهيد الهه سومرو يونيورسٽي آف هيريٽريج آرٽ اينڊ ڊزائين جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر هئا، جڏهن ته پروفيسر فهيم نوناري، شفيع محمد چانڊيو، گهنور خان لاشري، غلام علي لاشاري، پروفيسر محمد اسحاق لاشاري اعزازي مهمانن طور شرڪت ڪئي، ڪتاب زندگي جو سفر جو گڏيل مهورت ڪيو ويو. جنهن کي مقررن خطاب ڪندي چيو ته جيون ڪٿا ادب جي اهم صنف آهي، جيڪا هر ماڻهو کي  لکڻ  گهرجي، ضروري ناهي ته جيون ڪٿا لکندڙ ليکڪ هجي، ڇاڪاڻ ته جيون ڪٿا لڳڻ سان ماڻهو جي زندگي جي سفر  ۾ پيش آيل واقعن ۽ گڏ گذاريندڙ ساٿين،  وقت جي رونما ٿيندڙ واقعن جي خبر پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيون ڪٿا نه رڳو ادب پر تاريخ  لڳڻ ۾ اهم ڪارائتي ثابت ٿئي ٿي. مقررن وڌيڪ چيو ته سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، عمر دائود پوٽو، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن جي لکيل جيون ڪٿا جي سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت آهي. ڪتاب زندگي جو سفر ۾ به ليکڪ پنهنجي نوڪري، زمينداري، سماجي ۽ قومي زندگي کان ويندي مذهبي دور ايران، عراق، سعودي عرب، عرب امارات توڙي ملڪ جي مختلف شهرن جي سفرنامن جو به سٺي نموني سفر ڪيو آهي. جڏهن ته صاحب ڪتاب امير بخش لاشاري خطاب ڪندي چيو ته جيون ڪٿا لڳڻ جو شوق  ٻين جون جيون ڪٿائون پڙهڻ سان ٿيو، مون به سوچيو ته پنهنجي زندگي جي سفر ۾ جيڪي واقعا ۽ ڏينهن گذريا آهن انهن ڏينهن ۾ جن جن ماڻهن جو ساٿ رهيو آهي جنهن کي محفوظ ڪجي، ان ڪري هي جيون ڪٿا ڪتاب لکيو آهي، هن ڪتاب لکڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪتاب به لکڻ جو ارادو آهي، هن ڪتاب لکڻ ۽ ڇاپرائڻ  ۽ هي مهورتي تقريب منعقد ڪرائڻ ۾ پروفيسر فهيم نوناري ۽ شفيع محمد چانڊيو جو اهم ڪردار رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.