ماٿيلي واسي نوجوان ڪينسر ۾ورتل، علاج جي اپيل

ميرپور ماٿيلو ( ن ع آ ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ يونس بوزدار ڍانگرو ۾ نوجوان مشتاق احمد بوزدار گذريل ٻن سالن کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهي ۽ نوجوان مشتاق احمد بوزدار پاران پنهنجي حصي جي هڪ جريب زمين سميت گهر جو الھه تلھه وڪرو ڪري پنهنجو وس آهر علاج ڪرايو پر سندس ڪو به فائدو نه پهتو، جنهن سبب نوجوان گهمڻ ڦرڻ کان قاصر بڻيل آهي، هوڏانهن نوجوان مشتاق احمد بوزدار پاران ڪراچي جي آغا خان اسپتال مان به پنهنجو علاج ڪرايو پر سندن ڪو به فائدو نه مليو،  هوڏانهن نوجوان جا معصوم ٻارڙا فاقه ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هوڏانهن نوجوان مشتاق احمد بوزدار لڙڪ لاڙيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي علاج جو خرچ 25 کان 30 لک روپين تائين ڊاڪٽرن ٻڌايو آهي، پر مان غريب ۽ مسڪين آهيان مون وٽ ايتري رقم ناهي جو مان علاج ڪرائي سگهان، سنڌ سرڪار ۽ سرندي وارا علاج ڪرائن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.