گهوٽڪي لڳ گندي نالي مٿان ٺهيل پل نيٺ ڊهي پئي

گهوٽڪي( ڊ ر ) گهوٽڪي جي مين روڊ پراڻي سبزي منڊي ڀرسان گندي پاڻي جي نيڪال واري نالي مٿان ٺهيل پل زبون جو شڪار بڻجي نيٺ ٽٽي پئي ، پل ٽٽڻ سبب خانپور توڻي عادلپور کان ايندڙ ويندڙ ماڻهو پريشاني جو شڪار بڻجي ويا ايئن کڻي چئجي ته گهوٽڪي شهر کان ڪٽ آف ٿي ويا آهن ، روڊ جي ڀرپاسي سان گندگيءَ جا ڍير رکيل آهن  ،گندگي هجڻ سبب ڪرونا توڻي ٻيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن جڏهن ته عوام جو چوڻ آهي ته ڪيترائي دفعا اسين اعليٰ آفيسرن توڻي ميونسپل ڪاميٽي وارن ڏانهن ويا آهيون پر ميونسپل ڪاميٽي جي عملدارن جو چوڻ آهي سنڌ حڪومت طرفان مزدور گهٽ هجڻ سبب ڪيترائي ڪم نٿي سگهيا آهن هوڏانهن پراڻي سبزي منڊي جي دڪاندارن  چوڌري فاروق ،عبدالغفار ،شبير ڪولاچي ،رياض گڏاڻي ،آصف ۽ ٻين جو جو چوڻ آهي ته  هي نيڪال واري پل اٺ مهينا به نه گذريا آهن جو ڌماڪي سان ڪري پئي ،لڳي ٿو ته ٺيڪيدار ناقص ميٽيريل استعمال ڪيو آهي ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪيترن ئي سالن کان وٺي پراڻي سبزي منڊي روڊ نه ٺهيو آهي روڊ کنڊر بڻيل آهي جڏهن به  برسات ٿيندي آهي ته ڪيترائي مهينا روڊ تي پاڻي بيٺل رهندو آهي اسان دڪاندار روزي لاءِ پريشان رهندا آهيون اعليٰ عملدارن ۽ ڊي سي گهوٽڪي پل ٺهرائي بيچيني ختم ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.