نوجوان جا قاتل گرفتارڪريو، سکر ۾ ڦل برادري جو احتجاج

سکر( رپورٽ: اظهر علي دايو) گمبٽ پوليس جي مبينه ڏاڍاين ۽ قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف گمبٽ جي ڦل برادري پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف لاءِ لاڳاپيل اختيارن کي ڪئي اپيل ان موقعي تي نوجوان سهيل احمد ڦل جي والد منظور احممد ڦل، بدرالدين حمزو، نويد ڦل ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته علائقي جي بااثر ماڻھن راشد، حاڪم، ماجد، عابد، ارشاد ۽ٻين هڪ مهينو اڳ انٽر جي شاگرد سهيل احمد کي اغوا ڪرڻ بعد زمين ۾ کڻي ويا جتي مٿس سخت تشدد ڪري ٻانهون ۽ ٻين عضون کي ٽڪرا ڪري اڇلائي هليا ويا هئا جيڪو سور نه سهندي قتل ٿي ويو هو  نوجوان سهيل مٿان اٺ ٻارن جي ماء سان ڪوڙو ڪارنهن جو الزام مڙھي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪيو آھي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاء گمبٽ ٿاڻي تي وياسين ته پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بجاء اسان کي گرفتار ڪيو چڱن مڙسن جي وچ۾ اچڻ بعد پوليس هزارين روپيا رشوت وٺي ايف آءِ آر داخل ته ڪئي آھي پر مک جوابدار راشد ۽ حاڪم آزاد گهمي رهيا آھن ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون پيا ڏين جنهن سبب اسان جي حياتن کي به خطرو آھي،  آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارن کي جوابدارن ۽ گمبٽ ٿاڻي پوليس خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.