معذور ڪوٽا تي نوڪري ڏيو، لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جو احتجاج

لاڙڪاڻو  (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي عرضي ڀٽو پاڙي جي رهواسي گريجوئيشن ڪندڙ معذور نوجوان معذور ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي معذور نوجوان شمس الدين ڀٽو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ننڍي هوندي پوليو جي مرض سبب هڪ ڄنگھه کان معذور ٿيس پر ان باوجود مون سخت محنت ڪري تعليم پرائي بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي پر گذريل 20 سالن کان مختلف سرڪاري کاتن ۾ ڪوٽا تحت نوڪري لاءِ درخواستون ڏئي رهيو آهيان، تعليم يافته هجڻ باوجود مون کي نظرانداز ڪري معذور ڪوٽا تحت نوڪري نه ٿي ڏني وڃي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي، جنهن ڪري ڪجھ ڏينهن اڳ مون پنهنجيون ڊگريون ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽ ساڙي احتجاج به ڪيو. هن چيو ته مون کي 7 ٻارن جي اولاد آهي ۽ عرضي ڀٽو ۾ مسواڙ جي جڳھه ۾ رهندو آهيان بيروزگاري سبب گذريل ڪيترن ٽن مهينن جي مسواڙ جا پئسا به ڏئي نه سگهيو آهيان، پ پ چيئرمين ۽ وڏو وزير نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.