وفاقي حڪومت پيٽرول اگهه وڌائي ظلم ڪيو آهي: قربان کوکر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي گلستانِ جوھر ۾ پي پي اڳواڻ سرائي قربان علي کوکر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت پيٽرول جو اگه وڌائي ڪري ظلم ڪيو آهي جيڪو عوام پھريائين ھن منھگائي  ۽ بيروزگاري جي ڪري سخت پريشان ھئي وري پيٽرول جي اگه ۾ واڌ ڪري عوام کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي ھن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پاڪستان پنهنجي ڪول ۽ فيل تان ھٽي چڪو آهي جيڪي هن  اقتدار کان پھريان واعدا وفا ڪيا ھيا پاڪستان جي عوام سان ھن وڌيڪ چيو ته ھن حڪومت پاڪستان جو معشيت تباھ ڪري ڇڏيو آهي پ پ اڳواڻ سرائي قربان علي کوکر وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو مستقبل صرف ۽ صرف پاڪستان پيپلزپارٽي آهي انشاء الله پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھي پاڪستان جو معشيت ۽ مستقبل ٺيڪ ڪري سگهي ٿو ڇو ته ھو ھڪ خانداني پوليٽيڪل انسان آهي ۽ ھو ڄاڻي ٿو ته پاڪستان جي عوام سان ڪھڙا مسئلا آهن آخر ۾ هن چيو ته انشا الله ھاڻي پي ٽي آئي جو وقت تمام جلد ختم ٿيڻ وارو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.