ملير ۾ پنهور برادري جو اڳواڻ تي ڪيس خلاف مظاهرو

ملير (ڊ.ر) پنهور برادري ڪراچي پاران سردارزاده مير شجاع الله پنهور مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، ايس ايس پي جيڪب آباد وڏيرن جي ونگار وهندي پنهور برادري جي سردارن جي ساک خراب ڪرڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ايس ايس پي جيڪب آباد کي فوري طور هٽايو وڃي، مظاهرين، خبر موجب ؛ پنهور برادري ڪراچي پاران سردارزاده مير شجاع الله پنهور ۽ سردارزاده مير ذيشان پنهور مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ملير پريس ڪلب آڏو حڪيم مهدي پنهور، اعظم رضا پنهور، محمد اسماعيل پنهور، ڪاشف پنهور، معشوق پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪجهه صوبائي اڳواڻ اسان جي سردارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا ان ڪري ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ وڏيرن جي ونگار وهندي اسان جي سردارن سردارزاده مير شجاع الله پنهور ۽ سردارزاده مير ذيشان پنهور مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته اسان وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ٿا ڪريون ته ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ کي هٽايو وڃي.ئي ڪري پنهور برادري جي سردارن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.