پ ٽ الف مٽياري پاران رٽائر استاد جي مان ۾ آجياڻو

اوڏيرولال اسٽيشن (ن ع آ) پ ٽ الف تعلقه مٽياري جي سينئر نائب صدر سائين ولي محمد هنڱورو پاران پ ٽ الف مٽياري جي اڳوڻي صدر سيد غلام علي شاهه پاران تعليم لاءِ ڏنل سندس خد متن  کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس مان ۾ الودائي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ کيس سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا الودائي تقريب ۾ سينئر استادن علائقي جي معززن ۽ پ ٽ الف جي اڳواڻن جنهن ۾ وڏيرو شاهد حسين هنڱورو ، پ ٽ الف مٽياري جو صدر رياض احمد ساهووال، اڳوڻي تعلقه صدر حاجي غلام رسول کوسو ، سائين علي محمد پنهور ،.سائين محمد امين اڏيرائي ، گسٽا تعلقه مٽياري جي پريس سيڪريٽري محمد طيب هنڱورو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي پ ٽ الف تعلقه مٽياري جي سينئر نائب صدر سائين ولي محمد هنڱورو رٽائرڊ ٿيندڙ استادن  مٺيو مل ، عبدالواحد ڪنڀر ، فلڪ شير، محمد اعظم راجپوت کي پڻ اجرڪ ۽ گلن جا تحفا  پيش ڪيا ،  ان موقعي تي سيد غلام اڪبر شاهه ، چيو ته آئون سڀني  دوستن استادن جو شڪر گذار آهيان جنهن مونکي عزت ۽ مان بخشيو ان وڌيڪ چيو ته استادن کي گهرجي ته اسڪول ۽ شاگردن جي ڀلائي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.