اوٻاوڙو ٽائون انتظاميا جي نااهلي، ناليون اٿلڻ لڳيون، شهري غذاب هيٺ

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو شھر جي لانگھو روڊ ۽ اتان گذرندڙ شيخ محلي جو رستو ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نا اهلي سبب محلي واسين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، نالين جي ناقص انتظامن سبب نالين جو اٿلڻ روز جو معمول بڻيل آهي گذريل ڪيترن سالن کان رھواسين جي لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي، ناليون تباھ، رستا برباد، غريبن جا گھر گندو پاڻي مسلسل بيھڻ سبب ڊھڻ لڳا رھواسين جون حياتيون به خطري ھيٺ اچي ويون پر ذميوارن جي ڪن تي جونءَ به نه چري، انھيءَ ڏس ۾ محلي واسي ۽علائقي جي سياسي سماجي شخصيت ۽ پ پ شهيد ڀٽو جي سينئر اڳواڻ ڪامريڊ الياس ملڪ چيو ته جن کي ووٽ ڏنا سين تن به وفا ناھي ڪئي انهن به پنهنجو قبلو ڦيرائي ورتو ته پوءِ ڪامورن تي ڏوھ ڪھڙو آهي، شيخ محلي جي رھواسين عبدالرحيم ملڪ، حافظ محمد اڪمل ملڪ، جميل احمد ملڪ، برڪت علي پنهور، ۽ ٻين دانھيندي چيو ته تڪ جي ايم پي اي مير شھر يار شر، ايڊمنسٽريٽرٽائون ڪاميٽي اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو آصف علي جوڻيجو، ٽائون آفيسر واجد ڪلوڙ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر خورشيد دايو آڏو دانھون ۽ شڪايتون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.