لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور جي اڳواڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) باڊهه لڳ ڳوٺ دڙا ۾ هفتو اڳ قتل ٿي ويل معذور مقتولا عورت افروز خاتون جوڻيجو جي قتل ڪيس ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن باڊهه جي اڳواڻ جاويد احمد جوڻيجو جو نالو شامل ڪرڻ واري عمل خلاف لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي پورهيتن هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا، بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پورهيت اڳواڻن گل ڪورائي، بخت سولنگي، عاشق شيخ، قادر ڪڙد ۽ ٻين چيو ته باڊهه جي حد ڳوٺ دڙا ۾ گذريل 8 سيپٽمبر تي 60 ورهين جي معذور پيرسن عورت افروز خاتون جوڻيجو کي بيگناهه قتل ڪري ان جو الزام هڪ پرائمري ماسترياڻي ۽ وطن دوست مزدور فيڊريشن باڊهه جي اڳواڻ جاويد احمد جوڻيجو سميت 5 بيگناهه ماڻهن مٿان لڳايو جنهن تي باڊهه ٿاڻي جي پوليس بغير جاچ جي اهڙو ڪيس داخل ڪري پورهيت اڳواڻ جاويد احمد جوڻيجو ۽ سندس گهر ڀاتين کي مسلسل حراسان ڪري رهي آهي، ايس ايس پي اصل قاتل گرفتار ڪري جاويد جوڻيجي کي ڪيس ۾ آزاد ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.