”پاڪستان جو نالو ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ برطانيا جو سٺو سنئوڻ آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ بيان ۾ برطانيا طرفان سفري ريڊ لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍڻ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته برطانيا طرفان اهڙي تبديلي کي ڀليڪار ڪيون ۽ ان جي واکاڻ ڪيون ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته برطانوي پرڏيهي وزير سان پاڪستان جو نالو ريڊ لسٽ ۾ شامل هجڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو.

يار رهي ته برطانيا ڪورونا وبا سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي سفري پابنديون لڳايون هيون ۽ اڄ ان حوالي سان انهن ملڪن مان ڪجهه ملڪن کي ريڊ لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي جن ۾ پاڪستان به شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.