پيٽرول پمپ ٻاهران بيٺل عورت سان زيادتي معاملي جو ڊراپ سين، سڀ ڪوڙ نڪتو

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سيالڪوٽ ۾ پيٽرول پمپ ٻاهران بيٺل عورت کي اغوا کانپوءِ زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪيس ۾ ڊراپ سين ٿي ويو.

ڊي پي او سيالڪوٽ موجب 14 سيپٽمبر تي سيالڪوٽ جي رهواسي پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائي هئي ته هو پنهنجي گهرواري سان گڏ گهر وڃڻ دوران رستي ۾ کيس پيٽرول پمپ ٻاهران بيهاري پاڻ پيٽرول ڀرائڻ ويو ته 5 جوابدار گهرواري کي اغوا ڪري ويا.

سيالڪوٽ جي علائقي اڪبر چوڪ وٽان عورت اڌ بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آئي، جنهن کي ريسڪيو اهلڪارن اسپتال پهچايو ۽ عورت بيان ڏنو ته پيٽرول پمپ ٻاهران 5 جوابدارن زبردستي گاڏي ۾ ويهاريو ۽ شراب پي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي ته معاملا شڪي نڪتا.

ڊي پي او موجب عورت ڪوڙو قصو ٻڌائي ڪيس داخل ڪرايو، هن مڙس سان گڏجي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي هئي، عورت کي نه ڪنهن اغوا ڪيو، نه ان سان زيادتي ٿي، جاچ کانپوءِ عورت عدالت ۾ به اهڙو اعتراف ڪيو.

ڊي پي او سيالڪوٽ جو چوڻ هو ته ٻنهي زال مڙس خلاف قانون موجب قلم 182 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.