ڪنڊيارو: ٿاڻي جي جوڊيشل لاڪپ ۾ قيد 60 سالن جو پيرسن پراسرار نموني فو ت

ڪنڊيارو ٿاڻي جي جوڊيشل  لاڪپ ۾ ڏوهٽي جي قتل ڪيس ۾ قيد 60 سالن جو پيرسن موريل ڏيپر پراسرار نموني فوت ٿي ويو جنهن جو لاڪپ جي غسل خاني مان لاش مليو، اطلاع ملڻ تي فوتي پيرسن جا وارث مرد ۽ عورتون ٿاڻي ٻاهران پهچي ويا جتي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو۔ان موقعي تي وارثن پوليس مٿان پيرسن تي تشدد ڪري مارڻ جو الزام لڳايو ۔جڏهن ته پوليس الزام رد ڪندي جوابدار پيرسن تي ڦاهو کائي خودڪشي جو الزام لڳائي ڇڏيو آھي،۔پوليس جي درخواست بعد ڪنڊيارو جو جوڊيشل مجسٽريٽ ڪنڊيارو ٿاڻي تي پهتو جنهن جي موجودگي ۾ لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو۔اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري نه ٿي سگهي ۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.