ڪراچي: پ پ سرڪار ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا فنڊ هڙپ ڪري رهي آهي:وسيم اختر

ڪراچي جي اڳوڻي ميئر ۽ ايم ڪيو اڳواڻ وسيم اختر الزام هنيو آهي ته پيپلزپارٽي سرڪار ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا فنڊز هڙپ ڪري رهي آهي، بيورو ڪريسي ۽ ٺيڪيدارن کان وٺي حڪمرانن تائين سڀئي پيپلزپارٽي جي گهر جا ڀاتي آھن، مرتضي وهاب نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بدران ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جا اختيار سنڌ حڪومت کان واپس ڪرائي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وسيم اختر  چيو ته سوچي سمجھي سازش تحت ڪي ايم سي تي قبضو ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ وقتن ۾ ڪي ايم سي کي سنڌ سرڪار جي ماتحت ڪيو ويندو ، ڪراچي شھر جا 105 روڊ رستا پليون ڪي ايم سي مينٽين ڪندي آهي پر ٽيڪس سنڌ حڪومت اوڳاڙي رھي آهي، هن  چيو ته  ڪي ايم سي جو انٽرٽينمينٽ ٽيڪس ايڪسائيز کاتو اوڳاڙي ٿو،  ايڊمنسٽيٽر ڪراچي مرتضي وھاب آفيس ويھي ئي نٿو ، هتي وفاقي سرڪار سميت ڪنهن کي به ڪراچيءَ جي ڳڻتي نه  آهي ،ھن چيو ته گذريل 13 سالن کان سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي زيرو رھي آهي ھي صرف پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن ڪرڻ ۾ پوري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.