قمبر ۾ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج

قمبر (ت ر) قمبر ڳوٺ گهٽهڙ جي رهواسين جو صدر ٿاڻي جي پوليس خلاف پريس  ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن نويد ٻرڙو اڪبر ٻرڙو الله ڏنو لاشاري مغل وڪو حبيب الله ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي نويد ٻرڙو جي اوطاق مان ڏينهن ڏٺي چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ھئا جن جي سڃاڻپ ڪري مٿن صدر ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي هئي پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ بجاء اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ حراسان ڪري رهي آهي هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته سندن چوري ۾ ملوث چور گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.