شڪارپور جي جوڙي کي قتل جون ڌمڪيون، ملير ۾احتجاج

ملير (ڊ.ر) شڪارپور واسي جوڙو پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد دربدري جي زندگي گذارڻ لڳو، پريمي جوڙو تحفظ لاءِ ملير پريس ڪلب پهچي ويو، اسان کي مائٽن مان جان جو خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار شڪارپور جي تعلقي خانپور جي ڳوٺ ٻڍو ٻرڙو جي نوجوان علي حسن ٻرڙو ۽ ناري فريده گهنيو ڌي مرحوم گلزار احمد گهنيو پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ناري فريده گهنيو چيو ته منهنجي اڳوڻي مڙس وزير علي مون مٿان سخت تشدد ڪري طلاق ڏئي ڇڏي هئي، مون ڏيڊ سال گذرڻ بعد پنهنجي مرضي ۽ رضا خوشي سان پاڙي ۾ رهندڙ علي حسن ٻرڙو سان نڪاح ڪيو آهي، مون کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي ۽ نه وري آئون ڪو غير شرعي عمل ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي پرڻي ڪرڻ بعد منهنجو اڳوڻو مڙس وزير علي گهنيو، ڀاءُ الله ڏنو ۽ ان جي مائٽن شمس الدين اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته منهنجي مائٽ شمس الدين مون مٿان تيزاب هارڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، اسان کي انهن مان جان جو خطرو آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي شڪارپور تحفظ فراهم ڪري ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.