بدين ۾ محتسب اعليٰ جي کليل ڪچهري، مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري

بدين ( ڊ ر) صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي ھدايتن تي ريجنل ڊاريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ منظور علي سومرو ۽ ڊسٽرڪٽ  اڪائونٽ آفيسر بدين غلام قادر جامڙو پاران پينشن، جي پي فنڊ، ايل پي آر ۽ ٻين مسئلن جي حل لاء ڊسٽرڪٽ  اڪائونٽ آفيس بدين ۾کلي ڪچھري  منعقد ڪئي وئي. ريجنل ڊاريڪٽر  صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ منظور علي سومرو چيو ته کلي ڪچھري جو مقصد ماڻهن جي مسئلن کي ضلعي سطح تي حل ڪيو وڃي. درخواست گذارن ۾ صفدر عباس، ايوب قمبراڻي ۽ ٻين پنهنجا مسئلا پيش ڪيا جنهن تي ريجنل ڊاريڪٽر يقين ڏياريندي چيو ته ھڪ ھفتي ۾ سمورا جائز مسئلا حل ڪيا ويندا ھن چيو اڪثر دخواست گذارن جا مسئلا فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ سان لاڳاپيل آهن جيڪي ضلعي سطح  تي حل ٿيڻ جوڳا نه آهن انهي جي حل لاءِ فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي خط لکيو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته ھر مھيني کلي ڪچھري  منعقد ڪئي ويندي ته جيئن ماڻهن جا جائز مسئلا حل ٿين انهيَ موقعي تي ڊسٽرڪٽ  اڪائونٽ آفيسر غلام قادر ڄامڙو چيو ته ڪافي درخواستون ايل پي آر متعلق به آھن ايل پي آر جي ادائگي لاءِ اڳ جي مقابلي ۾ ھاڻي 45 سيڪڙو بجيٽ گھٽ ملي رهي آهي جنهن سبب درخواست گذارن جو اننگ وڌي ويو آهي ھن چيو ته محتسب اعليٰ جي سھڪار سان سمورن مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون وٺي رھيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.