باڊهه ۾ ش ڀ جو ميرمرتضيٰ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

باڊھه (ن ع آ  ) پ پ شهيد ڀٽو پاران مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پارٽي اڳواڻ فدا حسين تنيو جي اڳواڻيءَ ۾ باڊهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي ڪارڪنن ظفر تنيو، راجه بروهي، منور ابڙو، منٺار جوڳي، اڪبر گودڙائي، رميز پنهور، اربيلو پنهور ۽ ايس ٽي پي جي منور نوناري شرڪت ڪئي، مظاهري ۾ شامل پارٽي ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فدا حسين تنيو ۽ ٻين چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ بهادر ۽ اصول پرست سياستدان هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ غريب عوام جي حقن جي حاصلات خاطر جدوجهد ڪئي، جنهن کي عوام دشمن قوتن برداشت نه ڪندي کيس شهيد ڪيو. هنن چيو ته 25 سال گذرڻ باوجود شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري سنڌ جي عوام خاص ڪري پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن ۾ مايوسي ڇانيل آهي.. اڳواڻن چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي ناحق خون سان انصاف نه ٿيڻ جمهوريت جي دعويدارن جي منهن تي چماٽ آهي ۽ قاتلن جي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه اچڻ جو مقصد ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف جو نه هجڻ آهي. هنن گهر ڪئي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي آزادي سان گهمندڙ ظالمن ۽ قاتلن کي جلد گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.