جهوڪ شريف ۽ ڀرپاسي پاڻي کوٽ سنگين، فصل تباهه

جهوڪ شريف (رپورٽ : محبوب جلالاڻي ) آبپاشي عملدارن پاران جهوڪ شريف جي گنج بحر ڪئنال ۽ ٻين واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي , واهن ۾ گهٽ پاڻي ڇڏڻ ڪري پاڻي جي کوٽ ٿي ويئي آهي جنهنڪري پچي تيار ٿيل ۽ ڪجھ پچڻ واري مرحلي ۾ پهتل ساريون سڪي رهيون آهن ان حوالي سان آبادگارن علي نواز جتوئي حاجي خان جلالاڻي نواز جت ۽ ٻين ٻڌايو ته آبپاشي عملدارن گنج بحر ڪئنال ۾  هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي گهٽ ڇڏڻ ڪري پچي تيار ٿيل ۽ ڪجھ پچڻ واري مرحلي ۾ پهتل ساريون سڪڻ لڳيون آهن جڏھن ته ڪمند پڻ متاثر ٿي رهيو آهي جنهنڪري هنن کي نقصان ٿي رهيو آهي  هنن آبپاشي کاتي جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته گنج بحر ڪئنال ۾ پورو پاڻي ڇڏي کوٽ ختم ڪئي وڃي ته جئين هو نقصان کان بچي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.